16 خميس , آگسٽ 2018

وڌ کان وڌ ماڻهن جو ووٽ يقيني بڻائڻ جي لاءِ نادرا جو اهم فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 25 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن جي ووٽ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (نادرا) انتهائي اهم فيصلو ڪيو آهي. نادرا طرفان فيصلو ڪيو ويو آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواست ڏيندڙن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ 25 جولاءِ کان پهرين جاري ڪيا ويندا. نادرا طرفان اهو فيصلو رجسٽرڊ ووٽرن جي لاءِ ووٽ وجهڻ وقت سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ جي شرط پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. نادرا جي چيئرمين عثمان مبين جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ اِهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ميعاد ختم ٿي چڪي آهي اُهي به ووٽ وجهي سگهندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڇپائي 24 ڪلاڪ جاري رهندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي سڃاڻپ ڪارڊ ملڻ جي تاريخ 25 جولاءِ کان پوءِ هئي تڏهن به ان کان پهرين ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. نادرا موجب سڃاڻپ ڪارڊ کي حاصل ڪرڻ جون سموريون نارمل درخواستن جي ڪيٽگري به ايگزيڪٽو ۾ تبديل ڪئي وئي آهي ۽ لاڳاپيل ڪوريئر ڪمپني کي به سڃاڻپ ڪارڊن جي ترسيل يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. 16 جولاءِ کان پهرين ڏنل درخواستن کي 25 جولاءِ کان اڳ اُڪلائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي پر ان دوران 16 جولاءِ کان پوءِ ڏنل درخواستن تي به ڪم جاري رهندو. اليڪشن واري ڏينهن به نادرا جون سموريون آفيسون 2 وڳي تائين کليل رهنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے