16 خميس , آگسٽ 2018

خيبرپختونخواهه ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن خلاف ڪرپشن جي جاچ جي منظوري

پشاور(ويب ڊيسڪ) نيب خيبرپختونخواهه مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن خلاف ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڊائريڪٽر جنرل نيب خيبرپختونخواهه فرمان الله خان جي صدارت هيٺ ريجنل بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايڊمنسٽريشن ڊيپارٽمنٽ خيبرپختونخواهه جي آفيسرن خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، لاڳاپيل آفيسرن تي خيبر پختونخواهه هائوس اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي ملين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. نيب پڌرائي موجب اجلاس ۾ اين اي 8 ۾ منظور نظر ماڻهن کي ٺيڪي ڏيڻ جي الزام ۾ ڊبليو ڊي ۽ پيسڪو اختيارين جي خلاف به ڪرپشن جي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي  جڏهن ته ڪالا ڪلي ۾ غير قانوني فروٽ منڊي بڻائڻ تي ٽي ايم اي جي خلاف انڪوائري جي منظور ڏني وئي. ان کان سواءِ ڪالام ايريا پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن تي سياحت کاتي جي خلاف ۽ چترال ۾ جهنگ  جي غير قانوني واڍ واري معاملي تي به انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے