16 خميس , آگسٽ 2018

شاهينن جو زمبابوي کي 400 رنسن جو ٽارگيٽ، فخر زمان جي ڊبل سينچري، ڪيترائي نوان ريڪارڊ قائم

Shahin Zimbabwe's 400 runs target, Fakhar Zaman's Double Scene, established many new records.بلاوائيو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان چوٿين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي ڪاميابي لاءِ 400 جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو. قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان طرفان فخر زمان ۽ امام الحق پُراعتماد نموني اننگز جي شروعات ڪئي. ٻنهي بيٽسمينن ميزبان ٽيم جي بالنگ خلاف لائن خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ گرائونڊ جي چئني پاسي دلڪش اسٽروڪ کيڏيا.پاڪستان جو واحد آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين امام الحق هو جنهن  122 بالن تي 8 چوڪن جي مدد سان 113 رنسون ٺاهيون . فخر زمان شاندار 156 بالن تي 24 چوڪن ۽ 5 ڇڪن جي مدد سان ناٽ آئوٽ 210 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن ۾ جڏهن ته ميچ جي آخر ۾ آصف علي جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪندي رڳو 22 بالن تي 5 چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان ناقابل شڪست 50 رنسون ٺاهيون، جيڪا سندس ڪيريئر جي پهرين ففٽي پڻ آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 50 اورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 399 رنسون ٺاهيون زمبابوي طرفان اڪيلي وڪيٽ ڪپتان مساڪدزا جي حصي ۾ آئي. پاڪستاني اوپنر جي زمبابوي خلاف پهرين وڪيٽ تي ڀائيواري جو نئون عالمي ريڪارڊ قائم ڪري ورتو. ڪوئنز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندڙ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ اوپنگ بيٽسمين فخر زمان ۽ امام الحق شاندر ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي 304 رنسن ٺاهيون جيڪا پهرين وڪيٽ جي ڀائيواري لاءِ نئون عالمي ريڪارڊ آهي. ان کان اڳ ڊگهي ترين ڀائيواري جو ريڪارڊ سريلنڪا وٽ هو، جنهن جي بيٽسمين سنٿ جي سوريا ۽ اوپل ٿرنگا، ليڊز ۾ انگلينڊ خلاف جون 2006 ۾ 286 رنسون ٺاهي قائم ڪيو هو. پاڪستان جي اڳوڻي اوپنر عمران  فرحت ۽ محمد حفيظ پڻ زمبابوي جي خلاف ئي سپٽمبر 2011 ۾ پهرين وڪيٽ لاءِ 228 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي هئي. جڏهن ته هاڻ پاڪستان کي پهرين وڪيٽ لاءِ ڊگهي ترين ڀائيواري جو عالمي ريڪارڊ حاصل ٿيو آهي. فخر زمان ڊبل سينچري مڪمل ڪندي پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ انفرادي اسڪور ٺاهيندڙ پهرين پاڪستان بيٽسمين هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sorry to attend the national cricket team's captain Sarfraz's Coaching Course

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز جي ڪوچنگ ڪورس ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) دنيا جا ڪيترائي ڪرڪيٽر راند تان ريٽائرمنٽ بعد ڪرڪيٽ ڪوچنگ سان سالهاڙجي رهيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے