24 سومر , سيپٽمبر 2018

علي ظفر ۽ مايا علي جي فلم ”طيفا ان ٽربل“  ريليز ، مداحن طرفان ڀرپور موٽ

Ali Zafar and Maia Ali's movie "Taifa in Turbal" Releases, Returns by fansڪراچي(شوبز نيوز) فلمن سان چاهه رکندڙن جي انتظار جون گهڙيون ختم، ايڪشن، ڪاميڊي، رومانس ۽ ٿرل سان ڀرپور فلم” طيفا ان ٽربل“ اڄ ريليز ٿي وئي. لائٽ اينگل، مانڊوي والا انٽرٽينمنٽ، ٽيڊ پول فلمز ۽ جيو فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ  فلم” طيفا ان ٽربل“ جي  هدايتڪار احسن رحيم ڏني آهي. فلم ۾ راڳي ۽ اداڪار علي ظفر ۽ خوبرو اداڪارا مايا علي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته فلم جي ڪاسٽ ۾ فيصل قريشي سميت ڪيترن ئي ناليوارن اداڪار پڻ شامل آهن. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ فلم جو شاندار پريميئر ٿي گذريو جنهن ۾ فلم جي سڄي ٽيم ۽ شوبز ستارن شرڪت ڪئي. شوبز ستارن فلم ”طيفا ان ٽربل“ کي پاڪستاني فلم انڊسٽري جي لاءِ نئين بنياد قرار ڏنو آهي. مداحن طرفان فلم کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي ۽ فلم کي ڀرپور انٽرٽينمنٽ پيڪج قرار ڏنو پيو وڃي. فلم سان چاهه رکندڙن جو چوڻ آهي ته فلم” طيفا ان ٽربل“ ۾ فلمايل سمورا منظر بهترين آهن، سمورا گيت پڻ شاندار آهن جڏهن ته مايا ۽ علي ظفر جي جوڙي به تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. سوشل ميڊيا تي به فلم جي تعريف جي ڌم متل آهي ۽ پرستار علي ۽ مايا لاءِ محبت سان ڀرپور جذبن جو اظهار ڪري رهيا آهن. ٽوئيٽر واهپيدار ابيرا عثمان فلم جي تعريف ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ سڀني کي فلم ڏسڻ جو مشورو ڏنو ۽ لکيو ته اها فلم پاڪستاني فلمن جو عالمي سطح تي ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي. اهڙي طرح هڪ ٻئي واپيدار رابعه ملڪ فلم ڏسڻ بعد هڪ ٽوئٽ پوسٽ ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ته فلم”Masterpiece “  ۽ انٽرٽينمنٽ سان ڀرپور آهي جنهن ۾ بهترين ڪاميڊي پڻ آهي. واضح رهي ته فلم طيفا ان ٽربل پاڪستان جي تاريخ جي پهرين فلم آهي جيڪا هڪ ئي وقت پاڪستان سميت دنيا جي 25 ملڪن ۾ ريليز ٿي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hussain criticizes Altaf Hussain to use ashes for Asia Cup squash Asian Games

ايشيا ڪپ بجاءِ ايشين گيمز جو هيش ٽيگ استعمال ڪرڻ تي مداحن طرفان ماورا حسين تي سخت تنقيد

لاهور( شوبز نيوز ) لالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ماورا حسين ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے