20 خميس , سيپٽمبر 2018

4 جون تاريخ ڳالهائي ٿي

4 جون 1843 ۾ هند سرڪار پاران سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر جي پيش ڪيل منصوبي سنڌ ۽ نارا جي وچ ۾ پراڻي مواصلاتي نظام کي ٻيهر کولڻ واري آڇ کي قبول ڪيو.
4 جون 1857 ۾ ممبئي جي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي اجازت ڏني ته منوڙي بندرگاهه جي عملدارن کي رهائشي سهولتون ڏنيون وڃن.
4 جون 1936 ۾ سنڌ ليبر پارٽي جو بنياد ڪراچي ۾ پيو، ان جو صدر ڊاڪٽر تاراچند لالواڻي کي چونڊيو ويو.
4 جون 1995 ۾ اڳوڻو گهرو وزير ميجر جنرل اسڪندر مرزا پاڪستان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.

4 جون 1968 ۾ قومي اسمبلي پاران اڳوڻين رياستن جو نواب بل منظور ڪيو ويو، جنهن تحت خيرپور رياست جي اڳوڻن حڪمران ميرن کي ماهوار 1 لک وظيفو ڏيڻ جو بل منظور ڪيو.
4 جون 1972 تي سکر سينٽرل جيل پوليس پاران گوليون هلايون ويون، جنهن ۾ 13 قيدي مارجي ويا جڏهن ته 35 کان وڌيڪ زخمي ٿا.
سنڌي گريجوئيٽ ايسوسيئشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ جو جنم 4 جون 1942 ۾ ٿيو.
شاعر محسن ڪڪڙائي جو جنم 4 جون 1937 ۾ ٿيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے