20 خميس , سيپٽمبر 2018

پ پ سدائين عوام دوست منشور کڻي آئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

جڙانوالا (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي سدائين عوام دوست منشور کڻي آئي آهي، هارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪنداسين ۽ عورتن کي بنا سود قرض ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جڙانوالا ۾ ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته هاري ڪارڊ ذريعي فصلن جي انشورنس ۽ سستو ڀاڻ ملندو، جڏهن ته عورتن کي بنا سود قرض ڏنو ويندو. هن چيو ته اسان غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ بُک مٽايو پروگرام ڏنو آهي، جنهن تحت فوڊ ڪارڊ جاري ڪنداسين، ڪارڊ ذريعي شيون سستي اگهه تي ملنديون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ملڪ مان غربت جي خاتمي جون ڪوششون ڪندي آهي، سنڌ ۾ اسان 8 لک خاندانن کي غربت مان ڪڍيو. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي غذائي کوٽ جو شڪار آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ بُک مٽايو پروگرام ڏنو آهي، جڏهن ته يونين ڪائونسل سطح تي به فوڊ اسٽور کولينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Formerly renowned minister's new medical report of Ishaq Dar collected in Supreme Court

اسحاق ڊار جي عدالت ۾ عدم پيشيءَ جو ڪيس سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے