23 آچر , سيپٽمبر 2018

موقعو مليو ته پاڪستان کي ترڪي ۽ ملائيشيا بڻائي ڇڏيندس: شهباز شريف

پنڊي گهيپ (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن عوام ٻيهر چونڊيو ۽ الله موقعو ڏنو ته پاڪستان کي ترڪي ۽ ملائيشيا بڻائي ڇڏيندس. پنڊي گهيپ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ ۽ مسئلن مان ڪڍندڙ ليڊر کي ڌيءُ سامهون گرفتار ڪيو ويو، ن ليگ کي حڪومت ملي ته معيشت جو برو حال هو پر اسان قدم کڻي مسئلن تي ضابطو آندو، اسان جي دور ۾ ڊالر 100 رپين جو هو پر اڄ 130 رپين تائين پهچي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي دور ۾ چڪوال ۽ اٽڪ ۾ اسپتالون ٺاهيون سين، ننڍن هارين کي بنا سود قرض ڏنو ويو، جيڪڏهن عوام ٻيهر موقعو ڏنو ته پاڪستان کي ترڪي ۽ ملائيشيا بڻائيندس. هن چيو ته سي پيڪ جو اولهه روٽ هتان گذري رهيو آهي، اٽڪ ۽ چڪوال ۾ نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ تڪ ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ آڻيندس ۽ هڪ هڪ ڳوٺ کي گئس جي سهولت ڏني ويندي، اٽڪ ضلعي ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي قائم ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته عمران خان فراڊ ڪمپني کي پشاور ميٽرو جو ٺيڪو ڏنو، جيڪڏهن پنجاب حڪومت ائين ڪري ها ته نيب اسان کي فوري طور ڪاري پاڻي جي سزا ڏئي ها، تحريڪ انصاف سربراهه ڪي پي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، الزام خان جي دماغ وانگر ان جو جلسو به خالي هوندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے