25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چانهه تي ٻه لک رپيا خرچ، نيب ڪي پي معاملو هيڊ ڪوارٽر موڪلي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه هائوس پشاور ۾ هڪ ئي وقت چانهه تي ٻه لک رپيا خرچ جو معاملو جاچ پڙتال لاءِ نيب هيڊ ڪوارٽرز موڪليو ويو آهي. ذريعن موجب ڪي پي جي نگران حڪومت طرفان معاملي جي جاچ لاءِ 10 جولاءِ تي نيب ڪي پي کي خط لکيو ويو هو. خط ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ خيبر پختونخواهه طرفان نيب ڪي پي کي لکيو ويو هو. خيبر پختونخواهه هائوس اسلام آباد جي جاچ نيب ڪي پي جي اختيارن واري دائري ۾ نٿي اچي، تنهن ڪري صوبائي حڪومت خط جاچ پڙتال لاءِ نيب هيڊ ڪوارٽرز موڪليو آهي. نگران صوبائي حڪومت طرفان نيب ڪي پي کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته اهو انتهائي سنگين معاملو آهي، تنهن ڪري ان جي جاچ ڪئي وڃي. نگران حڪومت نيب کي لکيل خط ۾ ان معاملي ۾ سهڪار جي درخواست به ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے