20 خميس , سيپٽمبر 2018

آمريڪا جون افغان طالبان سان ڳالهيون سٺو قدم آهي: مولانا سميع الحق

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق آمريڪا طرفان افغان طالبان کي سڌو سنئون ڳالهين جي آڇ کي ڀليڪار چيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مولانا سميع الحق آمريڪا جي ان آڇ کي فائديمند قرار ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ امن جي بحالي ۽ واشنگٽن ۾ واپسي لاءِ ڳالهيون ئي اڪيلو رستو آهي. هن چيو ته آمريڪا کي اها حقيقت تسليم ڪرڻ ۾ ٻڏتر جو شڪار نه هجڻ گهرجي ته طالبان افغانستان جي سڀ کان مضبوط سياسي ۽ عسڪري قوت هئي، دنيا کي به آمريڪا ۽ طالبان ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيڻ واري عمل کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ هن خبردار ڪندي چيو ته افغانستان ۾ ڪجهه طاقتون امن امان ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون، ڇو ته رتوڇاڻ ۾ انهن جي بقا آهي. مولانا سميع الحق مطالبو ڪيو ته طالبان جي اهم اڳواڻن جا نالا سڀ کان گهربل ماڻهن جي فهرست مان ڪڍيا وڃن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے