26 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان، انڊيڪس ۾ 900 پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ٿيندي ئي تيزي جو رجحان رهيو، جيڪو ٽريڊنگ جو وقت ختم ٿيڻ تائين برقرار رهيو. ڊالر جي قيمت مستحڪم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات هاڪاري انداز ۾ ٿي. ڪاروبار جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس ۾ 600 کان وڌيڪ پوائنٽن جو اضافو ڏٺو ويو، جنهن سان انڊيڪس 41 هزار 529 جي سطح تائين پهچي ويو. ڪاروبار دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي آئي ۽ هنڊرڊ انڊيڪس 1000 پوائنٽون وڌي 41 هزار 896 پوائنٽن جي نفسياتي حد تائين پهچي ويو. اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مجموعي طور 17 ڪروڙ 89 لک 72 هزار 350 شيئرز جا سودا ٿيا ۽ انڊيڪس 897 پوائنٽن جي اضافي سان 41 هزار 795 جي نفسياتي حد تي بند ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے