21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اليڪشن ڪميشن جي ضابطن اندر رهندي چونڊن ۾ مدد ڪنداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج اليڪشن ڪميشن جي ضابطن اندر رهندي عام چونڊن ۾ مدد ڪندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي اليڪشن سپورٽ سينٽر راولپنڊي جو دورو ڪيو، ان موقعي تي کيس آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد بابت پلان تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته عوام کي جمهوري حق جي آزاداڻي استعمال لاءِ محفوظ ماحول يقيني بڻائڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪنداسين. هن چيو ته پاڪ فوج 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ضابطن اندر رهندي مدد ڪندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے