17 جمعو , آگسٽ 2018

مستونگ ۾ آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي، هارون بلور تي حملي جو مک ڪردار گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي انسپيڪٽر جنرل پوليس محسن بٽ چيو آهي ته مستونگ ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪي پي جي ايڊيشنل آءِ جي هارون بلور تي حملي جو مک ڪردار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي بلوچستان ٻڌايو ته مسوتنگ ۾ دهشتگرديءَ جو واقعو داعش جي ڪارروائي ڪئي آهي، آپگهاتي حملو ڪندڙ جو نالو حافظ نواز آهي ۽ سندس تعلق ايبٽ سان هو. هن چيو ته آپگهاتي بمبار ايبٽ آباد کان سنڌ ويو، جتي پابندي مڙهيل تنظيمن سان جڙيل رهيو ۽ هو لشڪر جهنگوي ۾ به رهيو، جڏهن ته حملي آور جي مددگار جو به پتو لڳايو ويو آهي. آءِ جي بلوچستان ٻڌايو ته مفتي حيدر ۽ حافظ نعيم داعش جا مقامي ڪمانڊر آهن، جن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته داغس افغانستان ۾ ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، جنهن کانپوءِ اها بلوچستان به اچي وئي آهي. هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي خيبر پختونخواهه دعويٰ ڪئي آهي ته هارون بلور تي حملي جو مک ڪردار گرفتار ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان سي ٽي ڊي جاچ ڪري رهي آهي ۽ جلد وڌيڪ ڪردارن تائين پهچنداسين. نيڪٽا سربراهه ڊاڪٽر سليمان موجب هارون بلور تي حملي بابت ڪا رپورٽ نه هئي، هو مقامي پوليس سان رابطو رکي ها ته حملي کي روڪي سگهجي ها. سندس چوڻ هو ته عوامي نيشنل پارٽي بابت ٿريٽس موجود آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے