16 خميس , آگسٽ 2018

ڪلڀوشن ڪيس ڀارت جي پاڪستان ۾ تخريبڪاري ڪرڻ جو ثبوت آهي: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪلڀوشن ڪيس ۾ ڀارتي اعتراضن تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪلڀوشن جو ڪيس ڀارت جي پاڪستان ۾ تخريبڪاري ۾ ملوث هئڻ جو ثبوت آهي، اسان جو ڪيس مضبوط آهي.  اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت گذريل سال ڪلڀوشن ياديو جو ڪيس عالمي انصاف جي عدالت ۾ کڻي ويو، پاڪستان طرفان ڪلڀوشن ڪيس ۾ ڀارتي اعتراضن تي جواب جمع ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته ڪلڀوشن جي ڪاررواين جا تفصيل ڏئي ڇڏيا آهن، حسين مبارڪ پٽيل جي نالي سان ڪلڀوشن ياديو جو پاسپورٽ اصل آهي يا جعلي، ڀارت ان جو جواب نه ڏئي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪلڀوشن ياديو ان پاسپورٽ تي 17 ڀيرا ڀارت جو سفر ڪري چڪو آهي ۽ نه ئي ڀارت اڃا تائين ڪلڀوشن جي رٽائرمينٽ بابت دستاويز فراهم چڪو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪلڀوشن جو ڪيس ڀارت جي پاڪستان ۾ تخريبڪاري سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جو ثبوت آهي، اسان جو ڪيس مضبوط آهي، ڪلڀوشن ياديو کي پنهنجي ڌرتي تان گرفتار ڪيو ۽ سندس اعترافي بيان سڀني سامهون آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے