16 خميس , آگسٽ 2018

نااهلي جي درخواست رد، شيخ وقاص کي جهنگ مان چونڊ وڙهڻ جي اجازت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ شيخ وقاص اڪرم کي اين اي 115 جهنگ تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ شيخ وقاص اڪرم جي مخالف درخواستگذار محمد عمران طرفان درخواست ۾ جعلي ڊگري جي بنياد تي شيخ وقاص کي نااهل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي. جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو ٻڌائيندي محمد عمران جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي شيخ وقاص اڪرم کي اين اي 115 جهنگ تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته وقاص اڪرم جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪابه غلط بياني نه ڪئي وئي آهي، سندس بي اي جي سند خلاف ايڇ اي سي جو ليٽر هاءِ ڪورٽ معطل ڪيو آهي. هن چيو ته وقاص اڪرم جي تعليمي سند جعلي هئڻ جو ڪو عدالتي ڊڪلريشن ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے