16 خميس , آگسٽ 2018

کاڌي پيتي جون شيون پهچائڻ واري ”ڊيليوري روبوٽ“ ڌوم مچائي ڇڏي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن توهان بيجنگ ۾ آهيو ۽ ڪا به کاڌي پيتي جي شيءِ آن لائن گھرائڻ چاهيو ته اهو ممڪن آهي ڪمپني پنهنجي ملازم جي جاءِ تي هي ”ڊيليوري روبوٽ“ کي توهان جون گهرايل شيون توهان جي گهر پهچائي سگهي ٿو. جڏهن ته هي ڪا سائنس فڪشن نه پر اڄ جي حقيقت آهي ڇو ته چين جي سپر اسٽور مان کائڻ پيئڻ جون شيون وٺڻ لاءِ صارفين کي هڪ خودڪار روبوٽ جي ضرورت هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيجنگ جي هڪ رهائشي علائقي ۾  پيلي رنگ جي روبوٽ کي ڪولڊڊرنڪس، اسنيڪس ۽ ميوا پهچائي رهيو آهي. 30 ڪلو گرام وزني روبوٽ پي ايس، ڪيمرائن ۽ ريڊار سان آهي هي روبوٽ 12 ڪلوميٽر جو سفر في ڪلاڪ  ۾ طئي ڪري سگهي ٿو. روبوٽ ۾ چار ڪئيمرا لڳل آهن. جنهن جي ذريعي اهو آس پاس موجود رڪاوٽن کي ڏسي  به سگھندو آهي. جڏهن ته ان ۾ خودڪار نظام حالات کي نظر ۾ رکندي روبوٽ کي روٽ تبديل ڪرڻ  ۾ مدد ڏيندو. جڏهن ان تي عمل ڪري ۽ ان جو ڪنٽرولنگ سسٽم 6 ڦيٿن کي ڦيرائيندو ۽ ائين آساني سان روبوٽ پنهنجو سفر آساني سان طئي ڪري سگهي ٿو. اڃان تائين هن روبوٽ کي آزمائشي طور تي متعارف ڪرايو ويو آهي جڏهن  ته هي آزمائشي طور ۾ڪامياب ٿي ويو ۽ صارفين به هن مان مطمئين ٿي ويا ته ان کان پوءِ اهڙا روبوٽ تجارتي پيماني تي استعمال ڪيا ويندا. روبوٽ ٺاهڻ واري ڪمپني اميد ظاهر ڪئي آهي ته ان ٽيڪنالوجي کي هڪ شهر کان ٻئي شهر سامان پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. پر ان لاءِ هڪ وڏي روبوٽ جي ضرورت آهي. جيئن ته روبوٽ جي مدد سان ضروري جون شيون منتقل ڪرڻ هڪ محفوظ ۽ آسان طريقو آهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fifty years of Facebook's Facebook traffic decreased by 50 percent in two years

ٻن ورهين دوران فيسبڪ جي ٽريفڪ انگ ۾ 50 سڪيڙو گهٽتائي: رپورٽ

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ مشهور سوشل ميڊيا ويب سائٽ” فيسبڪ“ جي مقبوليت جو گراف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے