16 خميس , آگسٽ 2018

چونڊن ۾ ڪو به ڪردار ناهي، اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهيون: جي ايڇ ڪيو  

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جي ايڇ ڪيو جي نمائندي چيو آهي ته چونڊن ۾ سڌو سنئون اسان جو ڪو به ڪردار ناهي، رڳو اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهيون، اليڪشن لاءِ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي ڪوشش جاري رهندي. سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سميت نيڪٽا ڪوآرڊينيٽر، صوبن جي آءِ جيز، گهرو سيڪريٽرين، وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن شرڪت ڪئي. ڪميٽي اجلاس جي شروعات تي پشاور ۽ مستونگ جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ ڪميٽي جي چيئرمين طرفان پشاور ۽ مستونگ ۾ ريلين تي حملن جي مذمت به ڪئي وئي. ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ چيو ته ڪجهه دشمن ملڪ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، بدقسمتي سان اليڪشن مهم پرامن نه ٿي رهي آهي، هارون بلور، سراج رئيساڻي ۽ ڪيترائي ٻيا ڪارڪن شهيد ٿيا جنهن تي قوم ڏکويل آهي. جي ايڇ ڪيو جي نمائندي چيو ته اها منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته سينيٽ ۾ ڳالهائي رهيو آهيان، هٿياربند فوج هميشه سول ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، اسان جو اليڪشن سان ڪو به تعلق ناهي،  جوانن کي حڪم ڏيڻ جا افواهه غلط آهن، اسان رڳو اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته 3 لک 71 هزار جوان پولنگ اسٽيشنز تي مقرر هوندا جڏهن ته پرنٽنگ پريس لاءِ به پاڪ فوج جا جوان مقرر آهن، فوج لاءِ رڳو امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ آهي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو ته فوج بابت تاثر آهي ته هو آزاد نموني ڪم ڪندا، فوجي آفيسر پرزائيڊنگ آفيسرن جي ماتحت ڪم ڪندا، فوج سڪيورٽي ۽ پرامن چونڊن بابت مدد ڪندي. هن چيو ته ڪو بيلٽ باڪس ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو ته فوجي اهلڪار رٽرننگ آفيسر ۽ پرزائيڊنگ آفيسر کي ٻڌائيندو، طئي ڪيل طريقيڪار تي هلبو ۽ ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے