16 خميس , آگسٽ 2018

نواز، مريم ۽ صفدر جي سزائن خلاف لارجر بئنچ جوڙڻ جي سفارش

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي اڪبر قريشي نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزائن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي اڪبر قريشي لائيرز فائونڊيشن فار جسٽس نالي تنظيم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. قانوندان اي ڪي ڊوگر ذريعي داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ نيب جو قانون ختم ٿي ويو آهي،هڪ مئل قانون جيڪو ختم ٿي چڪو آهي تنهن تحت ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته جنهن قانون جو وجود ئي ناهي تنهن تحت ڪنهن خلاف ڪارروائي ۽ سزا ڪيئن ممڪن آهي، نيب جي قانون جو وجود ختم ٿيڻ سبب نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ نياڻي ڪيپٽن صفدر کي ان قانون تحت ملندڙ سزا تي عملدرآمد روڪيو وڃي. اي ڪي ڊوگر طرفان شروعاتي دليل ٻڌڻ بعد جسٽس علي اڪبر  قريشي درخواست جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. جج درخواست چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي واپس موڪلي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے