16 خميس , آگسٽ 2018

پاڪ فوج طرفان سوشل ميڊيا تي پکڙيل ٿريٽ الرٽس جي ترديد

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج ملڪ جي مختلف شهرن ۾ دهشتگرد حملن جي خطري سبب سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ جعلي سڪيورٽي ٿريٽ الرٽس جي ترديد ڪري ڇڏي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مختلف شهرن ۾ حملن جي خطري جي جعلي الرٽ سوشل ميڊيا تي پکيڙي پئي وڃي پر ڪنهن به خطري جي الرٽ جاري نه ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واويلا جو مقصد خوف، ڏهڪاءُ ۽ مونجهارا پکيڙڻ آهي، شهري جعلي ڪالن ۽ غلط واويلا تي ڌيان نه ڏين، جڏهن ته آءِ ايس پي آر بابت ڪو به اطلاع آفيشل ويب سائيٽ تي ڏٺو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے