16 خميس , آگسٽ 2018

آرمي چيف پنهنجن ماڻهن کي مرضي جون بئنچون جوڙائڻ کان روڪي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

 اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته آرمي چيف پنهنجن ماڻهن کي روڪي جيڪي پنهنجي مرضي واريون عدالتي بئنچون جوڙائڻ لاءِ مداخلت ڪري رهيا آهن، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي جسٽس شوڪت عزيز صديقي آرمي چيف کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو ملڪ جي صورتحال کي ڏسي عدليه، ايگزيڪيوٽو ۽ ٻين ادار ۾ حساس ادارن جي مداخلت روڪي. هن چيو ته حساس ادارن پاران عدليه جي ججن سان رابطا ڪيا پيا وڃن. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته ججن جا فون ڪال به ٽيپ پيا ٿين ۽ محسوس پيو ٿئي ته ججن جون زندگيون محفوظ ناهن. آرمي چيف کي معلوم هجڻ گهرجي ته سندس ماڻهو ڇا پيا ڪن. حساس ادارا آئيني ذميواري نڀائيندي ملڪ تي ڌيان ڏين. رياست مٿان رياست جو تصور ختم ٿيڻ گهرجي. جسٽس شوڪت عزيز حڪم جي ڪاپي بچاءُ سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي پهچائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ۾ بازياب ٿيل هڪ شخص ٻڌايو ته هو پنهنجي مرضي سان ويو هو پر سنس ڀاءُ عدالت کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ کي ايجنسيون کڻي ويون هيون. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته بازياب ٿيل ڊنل پيو لڳي. هن چيو ته اسلام آباد مان واپارين ۽ بااثر ماڻهن کي کنڀيو پيو وڃي. پوليس وارا ايجنسين آڏو بي وس آهن. هن چيو ته ڪير به پاڻ کي عقل ڪل نه سمجهي، ان سان قبرستان ڀريا پيا آهن.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے