16 خميس , آگسٽ 2018

هاڻ عورتن کي جيلن ۾ موڪلڻ واري روايت شروع، عورت کي جيلن ۾ ناهي موڪليو ويندو: شاهد خاقان عباسي

Prime Minister will inaugurate the inauguration of Quetta International Airportاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هاڻ عورتن کي جيلن ۾ موڪلڻ جي روايت شروع ٿي وئي آهي. عورتن کي جيلن ۾ ناهي موڪليو ويندو. ميڊيا جي رپورٽن موجب هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي جيلن ۾ ناهيون موڪليندا، هاڻ عورتن کي جيلن ۾ موڪلڻ جي روايت شروع ٿي وئي آهي. اسان نواز شريف ۽ مريم نواز جو جيل ۾ وڃڻ قبول ڪيو آهي. 2008ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪا ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري جنهن جي ڪري اسان کي 2013 ۾ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. هن چيو ته اسان 5 سالن ۾ 11 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي ۽ گيس بحران تي ضابطو آندو. دنيا جي بهترين گيس پاور پلانٽ پاڪستان ۾ لڳايا ويا آهن. هنن چيو ته اليڪشن ڪا راند ناهي ڇو ته عوام جي ووٽ سان ملڪ جي تقدير جو خاتمو ٿيڻو آهي. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته اسان بجلي بحران تي چيلينج سمجهي ضابطو آندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے