21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بهترين بالنگ پويان اظهر محمود جو هٿ آهي: فهيم اشرف

بلاويو (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان آل رائونڊر فهيم اشرف بهترين بالنگ جو ڪريڊٽ اظهر محمود کي ڏئي ڇڏيو. زمبابوي خلاف ٽين ون ڊي ميچ ۾ 5 وڪيٽون وٺي مين آف دي ميچ جو اعزاز حاصل ڪندڙ فهيم اشرف صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان اهو ڪارنامو انجام ڏيڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، منهنجي ڪارڪردگي پويان گهر ڀاتين جون دعائون ۽ سڀ کان وڌيڪ بالنگ ڪوچ اظهر محمود جو هٿ آهي، هو سدائين بالرن کي اعتماد ڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته مان بالنگ ڪوچ جي هدايتن تي وڪيٽ ٽو وڪيٽ بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب ڪاميابي ملي، چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر ٽاپ آرڊر جي سٺي ڪارڪردگي سبب وارو نه ملي رهيو آهي، جڏهن ته موقعو مليو ته سٺي بيٽنگ جي ڪوشش ڪندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے