16 خميس , آگسٽ 2018

شهباز شريف ڀاءَ کي گهرائي پٺي ۾ ڇُرو هنيو آهي: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته شهباز شريف کي ايئرپورٽ وڃڻو ئي نه هو، نه پنهنجي ڀاءَ کي گهرائي پٺي ۾ ڇرو هنيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اعتزاز احسن اين اي 133 جي اميدوار عاصم ڀٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻيا استقبال لاءِ پهتا، اهي سڀ شينهن جي کَل ۾ گدڙ آهن. سندس چوڻ هو فخر آهي جو اسان جو واسطو شهيدن جي خاندان سان آهي، آصف زرداري سدائين صبر کان ڪم ورتو، هو منشور موجب ڳالهه ڪندو آهي، پارٽي جو منشور بُک ختم ڪيو آهي ڦرلٽ نه، اسان جي پارٽي سدائين غريب طبقي جو ئي ساٿ ڏنو آهي. اعتزاز احسن چيو ته شهباز شريف ريلي مان ڀَڄي ڪنهن سان ڊيل ڪرڻ ويو هو، ن ليگ جي ووٽرن ڏسي ڇڏيو شهباز شريف ريلي مان 3 ڪلاڪ گم رهيو، نواز شريف جي اچڻ کانپوءِ ن ليگ جا سڀ شينهن ڍير ٿي ويا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے