24 سومر , سيپٽمبر 2018

سمنڊ پار پاڪستاني عام چونڊن ۾ ووٽ نه وجهي سگهندا: نادرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا چيو آهي ته 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سمنڊ پار رهندڙ پاڪستاني ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا. نادرا طرفان جاري ڪيل بيان موجب سوشل ميڊيا تي مهم ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين کي گمراهه ڪيو پيو وڃي پر اڃا تائين سمنڊ پار پاڪستانين جي آن لائين ووٽنگ جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ٿيو. نادرا اختيارين موجب سمنڊ پار پاڪستانين جي آن لائين ووٽنگ جو تجربو ضمني چونڊن ۾ ڪري سگهجي ٿو پر عام چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين کي ڏيهه اچڻو پوندو. اختيارين موجب پاڪستان اچڻ باوجود سمنڊ پار رهندڙ اهي شهري ووٽ وجهي سگهندا، جيڪي رجسٽرڊ ووٽر هوندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے