21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اليڪشن ڪميشن غير اخلاقي ٻولي تي عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چونڊ مهم دوران پي ٽي آءِ قيادت طرفان غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي عمران خان کي سڀاڻي ذاتي حيثيت يا وڪيل ذريعي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. تحريڪ انصاف سربراهه کي چونڊ مهم دوران سياسي مخالفن خلاف بازيبا ٻولي جو استعمال ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني بئنچ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي جاري نوٽيس تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن طرفان پڻ غير اخلاقي ٻولي جو نوٽيس وٺڻ شروع ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ اميدوار تقرير دوران لفظن جي استعمال ۾ احتياط ڪن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے