21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: غزل جي شهنشاهه مهدي حسن جي 91 هين سالگهه ملهائي پئي وڃي

Lyrics of Emperor Mehdi Hassan will be celebrated 91th anniversary* غزل جي شهنشاهه مهدي حسن جي اڄ 91 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.

مهدي حسن راجسٿان جي لونا ڳوٺ جي موسيقار گهراڻي ڪلاونت ۾ 18 جولاءِ 1927ع تي اک کولي.

6 ورهين جي ڄمار ۾ ئي هن موسيقي جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، سندس استاد هن جو والد استاد عظيم خان ۽ چاچو استاد اسماعيل خان هئا.

ننڍي عمر ۾ ئي مهدي حسن ٺمري، درپت، خيال ۽ دادرا سميت ڪيترن ئي راڳن ۾ پڪو ٿي ويو ۽ 8 سالن جي ڄمار ۾ مهاراج گواليار جي درٻار ۾ فن جو مظاهرو ڪيو.

1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مهدي حسن جو خاندان هتي اچي ويو، 50ع جي ڏهاڪي ۾مهدي حسن کي ريڊيو پاڪستان تي ڳائڻ موسيقي جي حلقن ۾ سڃاڻپ ڏياري.

ريڊيو کانپوءِ ته  مهدي حسن فلم انڊسٽري جي ضرورت بڻجي ويو ۽ هن  مختلف  فلمن ۾ ڪيترائي سدا بهار گيت ڳايا، سندس ڳايل گيت اڄ بھ سندس مداحن جي دلين تي حڪمراني ڪن ٿا.

هن  جي شهرت سرحد پار به پهتي ۽ ڀارتي ڳائڻي لتا منگيشڪر اهو چوڻ تي مجبور ٿي وئي ته مهدي حسن جي ڳلي ۾ ڀڳوان ڳالهائيندو آهي.

مهدي حسن جي مشهور گانن ۾ گلون ۾ رنگ ڀري، يه دنيا رهي نه رهي ميري همدم، اب ڪه هم بچهڙي، پيار بهري دو شرميلي نين، زندگي ۾ تو سڀي پيار ڪيا ڪرتي هين ۽ ٻيا  ڪلام شامل آهن.

هو  13 جون 2012ع   تي پنهنجي مداحن کان هميشھ لاءِ وڇري ويو پر سندس ڳايل ڪلام اڄ بھ هزراين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهن….

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے