21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران وفاقي گادي واري شهر مان حددخليون هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر ۾ حددخلين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  سي ڊي اي کي شهر مان حددخيلون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب وفاقي گادي واري شهر ۾ حددخلين خلاف درخواستن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي جسٽس شوڪت عزيز صديقي شهر ۾ حددخلين جي خاتمي جا حڪم جاري ڪيا ۽ ريمارڪس ڏنا ته ايف 8 وارو فٽبال گرائونڊ خالي ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي. عدالت اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي عهديدارن کي طلب ڪندي سي ڊي اي کي سڄي شهر مان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے