23 آچر , سيپٽمبر 2018

گڏيل قومن ڪشمير رپورٽ تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا: پرڏيهي آفيس

Indian Foreign Minister rejected the Indian objection report on the United Statesاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين بابت گڏيل قومن جي رپورٽ کي رد ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو انڪوائري ڪميشن جي آزاد ۽ والاريل ڪشمير جي دوري جي آجيان ڪري ٿو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل گڏيل قومن جي رپورٽ تي ڀارت جي موقف جي ردعمل ۾ چيو ته ڀارت طرفان رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ان کي رد ڪرڻ تي کين شديد مايوسي ٿي آهي. هن چيو ته ڀارت او ايڇ سي ايڇ آر طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي حوالي سان ظاهر ڪيل شديد ڳڻتي جي ازالي ۾ ناڪام رهيو آهي.هن چيو ته انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس هاءِ ڪمشنر ۽ ظفر بنگش سان ڪنهن به رابطي کي قطعي طار تي رد ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته رپورٽ ۾ ڀارتي پارليامينٽ، ڀارتي سپريم ڪورٽ ۽ انڊين ايم اي اي سميت سرڪاري ڀارتي ذريعن جو حوالو ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے