21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بلاول ڀٽو نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ تي قوم کان معافي وٺي:فواد

Bilawal was forgiven by the nation for the sake of Nawaz Sharif: Fawadاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري چونڊن ۾ شفافيت تي ڳالهائڻ کان اڳ نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ تي معافي وٺي. پنهنجي هڪ بيان ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي جيڪي جماعتون چونڊن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جون عملي مخالف هيون هاڻ ڌانڌلي جي واويلا ڪري رهيون آهن، چونڊن ۾ شفافيت لاءِ عمران خان جي جدوجهد جي اڳيان ڪنهن به سياسي قائد يا جماعت جي جدوجهد ڪجهه به ناهي. مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي قوم رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان جا ڪيترائي سبب آهن. اسان عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين ۽ قوم جيڪو فيصلو ڪيو ان کي تسليم ڪنداسين.  بلاول ڀٽي جي بيان تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته هو سياست ۾ نئون آهي، هو چونڊن ۾ شفافيت تي ڳالهائڻ کان اڳ نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ تي قوم کان معافي وٺي، بلاول ڀٽي جي والد نواز شريف سان محبت ۽ مفاهمت جي ڪري شفافيت جو مطالبو ڪرڻ بجائي چونڊن کي خراب ڪندڙ جماعت جو ساٿ ڏنو. عمران خان انشاءَ الله وزيراعظم وارو عهدو بدنام زمانه ”مفاهمت“ کانسواءِ سنڀاليندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل فور جو فائنل به ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ فور جي شروعات ايندڙ سال 14 فيبروري تي ٿيندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے