23 آچر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف خلاف ٻن ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ٿيندو: وفاقي ڪابينا فيصلو

Two references against Nawaz Sharif will be opened in the open court: Federal cabinet decisionاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ جيل ٽرائل وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نگران وزيراعظم جي جسٽس(ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ نواز شريف جي جيل ٽرائل بابت قانون ۽ انصاف واري وزارت جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظوري سميت ٻيا فيصلا ڪيا ويا. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا آيل اڳوڻي وزيراعظم خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جيل ٽرائل لاءِ نيب آرڊيننس جي تحت جاري نوٽيفڪيشن رد ۽ جيل ٽرائل وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظور ڏئي ڇڏي.ان کانسواءِ اجلاس ۾ نگران گهرو وزير امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ۽ ان دوران عام چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اجلاس ۾ بينڪنگ ڪورٽ ٽو لاهور جي جج جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي جڏهن ته ڪابينا پورٽ قاسم جي چيئرمين کي اضافي ذميواريون ڏيڻ جي منظور پڻ ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے