18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

گوگل اسيسٽنٽ ايپ ۾” ويزوئل اسنيپ شاٽ“ جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Introduced the feature of the "Visible Snapshot" feature in the Google Assistant appڪراچي(ويب ڊيسڪ) جديد دور ۾ انسان جي مصروفيتون ايتري حد تائين وڌي ويون آهن جو اڪثر ذهن مان ڪو نه ڪو ڪم نڪري ويندو آهي،  ان لاءِ  گوگل اسيسٽنٽ ايپ ۾ نئون” ويزوئل اسنيپ شاٽ“  فيچر متعارف ڪيوويو آهي جيڪو واهپيدار جي سڄي ڏينهن جي رٿابندي جو خاص خيال رکندو . گوگل بلاگ پوسٽ موجب ” ويزوئل اسنيپ شاٽ“ فيچر اهم ملاقات، بل ۽ ٻين خرچن جي ادائيگي جي تاريخ، سالگرهه، تقريب وغيرا جي معلومات کي ويڊيو ذريعي نمايان ڪندو ته جيئن شيڊول ۾ واهپيدار ڪو اهم ڪم ڪرڻ نه ويساري ويهي. هن فيچر ۾ مقامي هنڌ، ٽريفڪ ۽ فلائٽ شيڊول جي معلومات پڻ مڪمل طور تي ويڊيو جي شڪل ۾ دستياب هوندي. ”ويزوئل اسنيپ شاٽ“ فيچر  روز  واهپيدارن کي سڄي ڏينهن جي ڪمن ڪارن جي حوالي سان آگاهي ڏيندو رهندو، اهو ئي نه نوٽيفڪيشن فعال ڪرڻ سان جنهن تاريخ تي ڪو پروگرام، بل جي تاريخ، جم جو وقت يا ٻيو ڪو ڪم هوندو ته هي ان حوالي سان آگاهه ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے