16 خميس , آگسٽ 2018

سرڪاري هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ واري ڪيس ۾ نيب عمران خان کي اڄ طلب ڪري ورتو

In the case of using the official helicopter, NAB Imran Khan took the oath todayپشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه نيب عمران خان کي سرڪاري هيلي ڪاپٽر جي استعمال واري ڪيس ۾ اڄ طلب ڪري ورتو. نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال 2 فيبروري تي عمران خان جي طرفان ڪي پي ڪي حڪومت جي ٻن هيلي ڪاپٽرن کي غيرسرڪاري دوري لاءِ  تمام گهٽ اگهه تي استعمال جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو هو. نجي ٽي وي چينل جي رپورٽن موجب احتساب بيورو(نيب) خيبرپختونخواهه پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ان حوالي سان هڪ سوالنامو پڻ تيار ڪيو آهي ته جيڪو عمران خان کي ڏنو ويندو جڏهن ته نيب کائنس ڪي پي ڪي جي سرڪاري هيلي ڪاپٽر جي استعمال بابت سوال جواب ڪندي. ياد رهي ته نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ايم آءِ 17 تي 22 ڪلاڪ ۽ ايڪيوريل هيلي ڪاپٽر تي 52 ڪلاڪن تائين سفر ڪيو ۽ ۽ ايوريج 28 هزار رپين جي حساب سان 74 ڪلاڪن جا 2 لک 7 هزار 181 رپيا ادا ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے