16 خميس , آگسٽ 2018

عام چونڊون: پريزائيڊنگ آفيسر چونڊ نتيجا سمارٽ فون ذريعي موڪليندا

General Elections: Presiding Officers will send the selection results through the smartphoneاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ پريزائيڊنگ آفيسر چونڊ نتيجا ٽرانسميشن سروس تحت سمارٽ فون ذريعي موڪليندا. اليڪشن ڪميشن جي پريزائيڊنگ آفيسرن جي طرفان چونڊ نتيجا ٽرانسميشن سروس جي ذريعي موڪلڻ لاءِ نادرا جون ٽيمون آر ٽي ايس ايڪٽيويٽ ڪرڻ  لاءِ اڄ کان ريٽرنگ آفيسرن جي آفيسن ڏانهن وينديون. اليڪشن ڪيمشن موجب پريزائيڊنگ  ۽ سينيئر پريزائيڊنگ آفيسرن کي سمارٽ فون ۽ آءِ ٽي ايس سافٽ ويئر ڏنو ويندو، سافٽ ويئر لڳائڻ  وارو سلسلو 21 جولائي تائين مڪمل ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته هن سسٽم سان چونڊ نتيجا فوري موڪلڻ لاءِ پريزائيڊنگ آفيسر فارم 45  سمارٽ فون ذريعي موڪلي سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے