16 خميس , آگسٽ 2018

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور، سزا معطلي ۽ ضمانت کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف، مريم ۽ محمد صفدر جي اپيلن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم طرفان جا 2 ٻيا  ريفرنسز ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواستن کي به ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ميان گل حسن  اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٽنهي درخواستن جي الڳ الڳ ٻڌڻي ڪئي. عدالت پهريون نواز شريف طرفان فليگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي جي اپيل رد ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس محسن اختر خواجه حارث کان سوال ڪيو ته ريفرنسن جي ڪهڙي اسٽيج آهي، ثبوتن جو بار توهان تي منتقل ڪيو ويو، اهو جج جو تعصب هو؟ خواجه حارث چيو ته جج جي تعصب يا پرسنل اختلافن جي ڳالهه ناهي، جج هڪ ريفرنس ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪري فائنڊنگ ڏئي چڪو آهي، فيئر ٽرائل لاءِ مناسب آهي ته ٻيا 2 ريفرنسن هو نه ٻڌي، ٻين ٻن ريفرنسن ۾ واجد ضياءَ تي آڏي پڇا ڪري رهيو آهيان، هو ٻنهي ريفرنسز ۾ گڏيل شاهد آهي. جسٽس گل حسن اورنگزيب خواجه حارث کان سوال ڪيو ته باقي ٻن ريفرنسز تي ڪهڙي راءِ ڏني وئي، ڇا فيصلي ۾ ٻين ريفرنسن تي ڪا فائنڊنگ ڏني وئي آهي. خواجه حارث ٻڌايو ته هي ڪيس ناهي، مان هڪ ڪيس ۾ پنهنجي مڪمل راءِ ڏئي چڪو آهيان، جج محمد بشير ٻين ٻن ريفرنسن کي نه ٿو ٻڌي سگهي. عدالت نواز شريف جي ريفرنسن جي منتقلي جي درخواست بابت احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي. عدالت نواز شريف طرفان فيصلي تائين منع نامو جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي جولاءِ جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر خلاف دائر العزيزيه اسٽيل مل ۽ فليگ شپ ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي (اڄ) اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اڱاري ڏينهن احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي محمد نواز شريف طرفان سعد هاشمي ۽ نيب طرفان افضل قريشي عدالت ۾ پيش ٿيا. فاضل جج محمد بشير ٻڌڻي جي موقعي تي چيو ته مان محمد نواز شريف جون ٻئي درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي اماڻي ڇڏيون آهن. اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي وڪيل سعد هاشمي چيو ته اسان ريفرنس ٻئي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست دائر ڪئي آهي ان موقعي تي فاضل جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا لڳي ٿو ته اڄ فيصلو اچي ويندو؟ فاضل جج محمد بشير چيو ته مون به هڪ درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جج محمد بشير چيو ته ٻڌو آهي ته قانون واري وزارت به جيل ٽرائل جو چيو آهي، محمد نواز شريف جي وڪيل چيو ته اسان کي ان جو نوٽيس ناهي مليو اسان کي به ڪاپي ڏني وڃي. فاضل جج چيو ته خواجا حارث ڪڏهن ايندو ان سان جيل ٽرائل ۽ ٻين ٻن ريفرنسن جو طئي ڪيو ويندو. شام تائين هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به اچي ويندو. جج محمد بشير چيو ته ٻڌڻي (اڄ) اربع تائين ملتوي ڪيون ٿا.

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي اڊيالا جيل ۾ سيڪيورٽي ريڊ الرٽ ڪئي وئي آهي. جيل ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سيڪيورٽي تي 6 اهلڪار مقرر آهن ۽ ساڻس هڪ خدمتگار به ڪم ڪري رهيو آهي، مريم نواز جي سيڪيورٽي تي به عورت ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ سميت 6 عورت اهلڪار مقرر آهن. جيل کلڻ دوران نواز شريف کي چرپر محدود رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ مريم نواز کي به محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نواز شريف کي ڪيتريون ئي اخبارون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن، سيڪيورٽي اختيارين نواز شريف جي خدمتگار تي به سخت نظر رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. نواز شريف ۽ مريم نواز کي ملندڙ کاڌي پيتي جي سيڪيورٽي به پاڻ جيل سپرنٽنڊنٽ ڪندو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سيڪيورٽي وڌائڻ سان گڏ جيل جي هوائي نگراني به شروع ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي اختيارين هيليڪاپٽر تان جيل جي مختلف حصن جو هوائي معائنو ڪيو آهي.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے