16 خميس , آگسٽ 2018

ڪراچي: اميدوارن کي نشانو بڻائڻ جي منصوبابندي ڪندڙ ٻه دهشتگرد گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون مان ايم ڪيو ايم لنڊن ڏکڻ آفريڪا نيٽ ورڪ جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪاروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن ڏکڻ آفريڪا نيٽ ورڪ جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو جن ۾ جوابدار بلال ۽ ارشاد شامل آهن. هنن ٻڌايو ته جوابدار بلال لوڌي ۽ محمد ارشاد چونڊ مهم دوران مخالف جماعتن جي اميدوارن کي نشانو بڻائڻ جي منصوباندي ڪئي هئي ته جيئن چونڊون ملتوي ٿي سگهن. رينجرز ترجمان موجب ايم ڪيو ايم لنڊ ڏکڻ آفريڪا طرفان جون ۾ ٽارگيٽ ڪلرن جي ٽيمون جوڙيون ويون هون. رينجرز ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن شروعاتي جاچ دوران ايم ڪيو ايم لنڊن طرفان مالي وسيلن جي فراهمي جو پڻ اعتراف ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے