16 خميس , آگسٽ 2018

جي ايم سيد جي پوٽي شموليت جي ڏيڍ مهيني بعد پ پ ڇڏي ڏني

سن (ن ع آ) سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد امير حيدر شاههجي پٽ اڳوڻي تعلقي ناظم سيد علي رضا شاهه جنهن 30 جون تي بلاول هائوس ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو، سيد علي رضا شاهه پنهنجي ڀاءَ سيد ظفر حيدرشاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مون جيڪو پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو سو منهنجي ڀاءِ سيد ظفرحيدر شاهه جي ٽياڪڙِي ڪرڻ کان پوءِ واپس وٺي، پ پ ڇڏيان ٿو، ان موقعي تي سيد ظفر حيدرشاهه چيو ته سائين جي ايم سيد خاندان يا خاندان کان ٻاهر ڪنهن کي به سياسي جانشين نه بڻايو پر منهنجي نظر ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر تي جيڪڏهن جي فڪر جو حقيقي پوئلڳ شهيد بشير خان قريشِي هو، سائين جي ايم سيد چوندو هو ته جيڪو نيڪ ۽ صالح هوندو، اهومنهنجو سياسي جان نشِين هوندو، هن وقت سنڌ ۾ جيڪي به سياست ٿي رهي آهي، اها پارليامينٽ ۽ مفادن جي ٿي رهي آهي پر هي وقت الڳ ٿيڻ بجاءَ متحد ٿيڻ جووقت آهي، ان جي ڪري سيد علي رضا حيدر شفاهه جيڪو فيصلو ڪيو هو، ان اهو واپس وٺي ڇڏيوآهي، ان جي ڪري اسان سيد جلال محمود شاهه جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪريون ٿا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے