17 جمعو , آگسٽ 2018

نواز شريف جو جيل ٽرائل: نگران حڪومت طرفان فيصلي تي نظرثاني جو امڪان

Nawaz Sharif's Jail Trailer: The prospect of reviewing the decision by the supervisory governmentاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فيلگ شپ ريفرنس جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي وارو  فيصلو اڄ واپس وٺڻ جو امڪان آهي. نگران وزيراعظم جسٽس(ر) ناصرالملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن لاءِ 9 نڪاتي ايجنڊا تيار ڪيو ويو آهي ته ايجنڊي ۾ نواز شريف جي جيل ٽرائل بابت قانون ۽ انصاف واري وزارت جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظوري پڻ شامل آهي. ياد رهي ته قانون ۽ انصاف واري وزارت 13 جولائي تي العزيزيه ۽ فيلگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف جي جيل ٽرائل جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو هو جڏهن ته نگران حڪومت هاڻ اهو نوٽييفڪيشن واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت مان سزا ملڻ بعد نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر اڊيالا جيل ۾ قيد آهن. لنڊن کان وطن واپسي تي قانون ۽ انصاف واري وزارت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو جنهن موجب نواز شريف خلاف ٻن ريفرنس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيڻي هئي. نگران ڪابينا جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ويچار  ڪيو ويندو ۽ چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ڪابينا کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردي جي تازن واقعن تي بريفنگ ڏني ويندي، ڪابينا سپريم ڪورٽ جي ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم فنڊ لاءِ سرڪاري ملازمن جون پگهارن مان ڪٽوتي جي منظوري پڻ ڏيندي. ان کانسواءِ فاٽا ۽ پاٽا کي وفاقي ٽيڪسن کان مستثنيٰ قرار ڏيڻ جي منظور پڻ ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے