16 خميس , آگسٽ 2018

چونڊن تي خدشا برقرار، 108 تڪن تي اميدوارن جا ڪيس هلندڙ، بيلٽ پيپر پهتل

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ باقي هڪ هفتو وڃي بچيو آهي. پر چونڊون ٿيڻ بابت خدشا اڃا به گهرا ٿي رهيا آهن. بدامني ۽ دهشتگردي کانسواءِ اميدوارن بابت عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن به شڪ وڌايا ويا آهن. اميدوارن جي اهليت بابت ملڪ جي ٽن صوبن جي 108 تڪن جا بيلٽ پيپر اڃا ڇپجي نه سگهيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ملڪ جي 108 تڪن تي چونڊن جون تياريون اڃا مڪمل نه ٿي سگهيون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي اميدوارن جا ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ آهن. سڀ کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۾ آهن جن جو تعداد 81 آهي. انهن مان قومي اسيمبلي جي اميدوارن جا 35 ۽ صوبائي اسيمبلي جا 46 ڪيس آهن. انهن مان سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ 37، سکر ۾ 14 ۽ لاڙڪاڻي سرڪٽ بئنچ ۾ به ڪيس هلندڙ آهن. رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. رپورٽ موجب پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 17 ڪل 22 اميدوارن ۽ بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبلي جي چئن اميدوارن جا ڪيس هلي رهيا آهن. ڪي پي ڪي ۾ سمورا اميدوار اهل آهن ۽ ڪو به ڪيس هلندڙ نه آهي. چئن تڪن ۾ چونڊون اميدوارن جي شهادت سبب ملتوي ٿيل آهن. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن جي ترجمان الطاف احمد جو چوڻ آهي ته اميدوارن جا معاملا عدالتن ۾ آهن اهو خيرپختون خواه ۽ بلوچستان ۾ اهڙو مسئلو نه آهي. چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن. هن چيو ته جنهن کي قانون اجازت ڏئي ٿو ان کي چونڊ وڙهڻ کان نه ٿا روڪي سگهون. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے