16 خميس , آگسٽ 2018

نيوز: ڪوٽ ڏيجي: وحشيءَ  پنهنجي جنت  اجاڙي ڇڏي، پٽ هٿان  امڙ قتل ..!!!

Kot diji: Barbarism on top, Son murdered his mother*ڪوٽڏيجي ويجهو وحشي جوابدار پنهنجي جنت کي اجاڙي ڇڏيو ، رهزن پنهنجي ماکي جهڙي مٺڙي امڙ کي مارڪٽ ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو .

ڳوٺ غلام عباس بڙدي ۾ بي رحم پٽ سجاد بڙدي  پنهنجي امڙ نازل بڙدي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس ڇائيجي ويو سوين ڳوٺاڻا پهچي ويا ظالم پٽ امڙ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

 وارثن ڪوٽڏيجي پوليس کي اطلاع ڏنو ڪوٽڏيجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال ڪوٽڏيجي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو .

آخري اطلاعن تائين ڪوٽڏجي ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kashmore: Thieves stole everything from shops before Eid and its shopping

نيوز: ڪشمور: عيد ڌام ڌوم سان ملهائڻ لاءِ چور سرگرم، هڪ ڏينهن ۾ ڪيتريون چوريون؟

* ڪشمور ۾ عيد ڌام ڌوم سان ملهائڻ لاءِ چور به سرگرم ٿي ويا آهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے