16 خميس , آگسٽ 2018

نيوز:مديجي: ٻن ڌرين ۾ جيهڙو، عورت ۽ چڱو مڙس مارجي ويا،نينگري مرڻينگ

Mediator: Jahan, woman and good husband died in two sentences, the latest interview

مديجي ڀرسان پنهور ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جيهڙي سبب فائرنگ ۾ عورت    ۽ چڱو مڙس مارجي ويا ، جڏهن ته  نينگري سخت زخمي ٿي پئي.

پنهور ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، هٿياربندن  چنگچي رڪشا تي حملو ڪري  فائرنگ ڪري ڏني.

گوليون لڳڻ  سبب چنگچي ۾ سوار پنهور برادري جو چڱو مڙس سردار خان پنهور ۽ عورت نائلا  مارجي ويا، جڏهن ته 13 ورهين جي نينگري بتول سخت زخمي ٿي پئي.

ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي نينگري کي اسپتال آندو، جتان نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو.

پوسٽ مارٽم بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملڻ تي پنهور برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ اسپتال پهتا.

خري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، ٻنهي ڌرين جي تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا 12 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ۽ زخمي ٿيا آهن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: Broadcasting event, a breakthrough of celebration of Pakistan and Saif by Pakistan

رپورٽ: حيدرآباد : براڪ پاڪستان ۽ سيف پاران جشن آزاديءَ جي تقريب، ٽيبلوز پيش

حيدرآباد ۾ براڪ پاڪستان ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان جشن آزادي جي تقريب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے