22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: خيرپور:مارواڙي برادري جي ماڻهن جو ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف مظاهرو

Khairpur: Protest people from Marwondo community to ignore development projects

خيرپور ۾ ٽن ڳوٺن جي مارواڙي برادري جي ماڻهن پاران ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

حاتم، سکيو مل ۽ منظور سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ يو سي لقمان جي ٽن ڳوٺن جي مارواڙي برادري جي ماڻهن ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ تي  پ پ اقليتي ونگ جي اڳوڻي صدر روي ڪمار خلاف احتجاج ڪيو.

مارواڙي برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته هو سدائين پ پ کي ووٽ ڪندا آهن، پر اقليتي ونگ جي اڳوڻي صدر کين استعمال ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪيا آهن.

هنن چيو ته سندن ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي، نيڪال وارو نظام ۽ ٻيون بنيادي سهولتون به موجود ناهن، جنهن سبب هو سخت ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته هو  اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم شاهه ۽ ڊاڪٽر نفيسه کي واضح ڪن ٿا ته هاڻي اقليتي ونگ جي اڳوڻي روي ڪمار ريوومل سان سندن ڪو واسطو ناهي، هو ساڻن لاتعلقي جو اظهار ڪن ٿا.

هنن پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو ته روي ڪمار ريوومل جي ناانصافين جو نوٽيس کيس پارٽي مان ڪڍن، نه ته هو پ پ اميدوارن کي ووٽ نه ڏيندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے