16 خميس , آگسٽ 2018

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ سنڌ جو پئسو چوري ڪندا آهن، اڊيالا جيل هاڻ آصف زرداري ۽ شهباز شريف جو انتظار ڪري رهيو آهي، 22 جولاءِ تي ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪنداسين، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪندا. جيڪب آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پ پ ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان عوام کي ڦريو، جيڪا ڦرلٽ سنڌ ۾ ٿي، اها ڪنهن به صوبي ۾ ناهي ٿي، پ پ 10 ورهين کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي، آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ سنڌ جو پئسو چوري ڪيو، پ پ وارا سنڌ جو پئسو ڦري ٻاهر کڻي ويندا آهن. هن چيو ته سنڌ جي 75 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، آصف زرداري چونڊ مهم نه پيو هلائي، جيڪڏهن هو ٻاهر نڪتو ته کيس گهٽ ووٽ ملندا، اهي رڳو ماني، ڪپڙي ۽ اجهي جو گوڙ ڪندا آهن، 25 جولاءِ تي عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪندو. سندس چوڻ هو ته پ پ عوام کي ڊيڄارڻ لاءِ پوليس ۽ غنڊن جو استعمال ڪندي آهي، آصف زرداري! ٻڌي ڇڏيو رڳو 8 ڏينهن وڃي بچيا آهن، اڊيالا جيل هاڻ توهان جو ۽ شهباز شريف جو انتظار ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو ته سنڌ جو عوام پاڻي ۽ صحت جهڙين سهولتن کان محروم آهن، پ پ هارين کي سزا ڏيڻ لاءِ انهن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، 22 جولاءِ تي ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪنداسين، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے