16 خميس , آگسٽ 2018

چونڊن کان اڳ نيب ۾ وڏي پيماني تي مقرريون ۽ بدليون، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چونڊن کان اڳ قومي احتساب بيورو جي 17 آفيسرن جي بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب نيب طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب هيڊ ڪوارٽر نياز حسن ۽ محسن مجيد جي بدلي نيب لاهور ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب لاهور عبيدالله اعظم کي نيب راولپنڊي موڪليو ويو آهي ۽ 19هين اسڪيل جو غلام رسول ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب ڪي پي هوندو. ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب لاهور رفيع الله جي بدلي نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪئي وئي آهي ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب ڪراچي عدنان عباس کي نيب لاهور موڪليو ويو آهي. نوٽيفڪيشڻ موجب ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب راولپنڊي واصف ڀٽي نيب لاهور ۾ ذميواري سرانجام ڏيندو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب لاهور محمد ساجد نيب بلوچستان ۾ فرض سرانجام ڏيندو. نيب طرفان جاري ڪيل حڪمن موجب 18هين اسڪيل جي احمد رضا کي ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب هيڊ ڪوارٽر مقرر ڪيو ويو آهي. نيب ڪي پي جي ٻن اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن وقاص احمد ۽ محمد قدير کي نيب لاهور ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب راولپنڊي جي ٻن اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن محمد رضا ۽ آصف لياقت جي بدلي لاهو ۾ ڪئي وئي آهي. 18 هين اسڪيل جي ناصر رضا ۽ آصف محمود کي به نيب لاهور موڪليو ويو آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر وقار رفيق ۽ خالد محمود به نيب لاهور ۾ ذميواريون سر انجام ڏيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے