16 خميس , آگسٽ 2018

پ پ خلاف غير اخلاقي ٻولي استعمال ناهي ڪئي، ويڊيو ڪلپ ايڊٽ ٿيل آهي: پرويز خٽڪ جي ترديد

پشاور(ويب ڊيسڪ) عام چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي پارٽين جي چونڊ مهم به تيز ٿي وئي آهي جنهن دوران مخالفن تي سياسي حملن سان گڏ غير اخلاقي حملا به شروع ٿي ويا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي ويڊيو وائرل آهن جنهن ۾ سياستدانن کي مخالفن خلاف اخلاقيات کان ڪريل ٻولي استعمال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. تازو ئي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي هڪ ويڊيو ڪلپ به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ کيس اِهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته جتي پ پ پ جو جهنڊو ڏسندو آهيان سوچيندو آهيان ته ڪنهن طوائف جي پٽ لڳايو آهي. اها ويڊيو سوشل ميڊيا تي تي گهڻي وائرل ٿي آهي ۽ هر ڪو ان جي مذمت ۾ مصروف آهي پر هاڻ پرويز خٽڪ پاڻ به ميدان ۾ اچي ويو. پرويز خٽڪ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته منهنجي خلاف ميڊيا تي هلندڙ ويڊيو ايڊٽ ڪئي وئي آهي. آئون پيپلز پارٽي ۾ شامل هڪ خاص شخص جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪو ووٽ خريدڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ منهنجي ماڻهن لاءِ منهنجو اِهو پيغام آهي ته پنهنجو ووٽ کپائڻ وطن سان غداري جي برابر آهي. ميڊيا کي سچ ڏيکارڻ گهرجي، ايڊٽ ڪيل ويڊيو نه.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے