16 خميس , آگسٽ 2018

13 جولاءِ ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن، نگران وزير اعظم ڪو به نوٽيس نه ورتو: شهباز شريف

گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته 25 جولاءِ تي ملڪ کي ٻيهر ترقي جي رستي تي گامزن ڪنداسين. نواز شريف جي گهرواري زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي ۽ نواز شريف هن کي ڇڏي عوام لاءِ پاڪستان آيو، 13جولاءِ جو ڏينهن پاڪستان جو ڪارو ترين ڏينهن هو، اليڪشن ڪميشن ڪٺ پتلي، نگران وزير اعظم خاموش آهن. تفصيل موجب علي پور ڇٽا ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شيرف چيو ته ان ڪيس ۾ نواز شريف کي گرفتار ڪيو جنهن جي فيصلي ۾ پاڻ جج چيو ته ڪا به ڪرپشن ناهي ٿي. ٻئي پاسي جيڪي مٿي کان پير تائين ڪرپشن ۾ ٻڏل آهن ۽ اربين رپيا ڦري کڻي ويا اهي ڪيڪ ۽ پيسٽريون کائي رهيا آهن. هن چيو ته نواز شريف عوام جي لاءِ پاڪستان آيو ۽ عوام جي سمنڊ محبت سان ۽ عقيدت سان سندس استقبال ڪيو. نواز شريف کي خبر هئي ته هن کي اڊيالا جيل ۾ وڌو ويندو پر هو عوام جي لاءِ وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. شهباز شريف چيو ته 25 جولاءِ تي شينهن ڪامياب ٿيندو. عوام پولنگ اسٽيشنن تي وڃي شينهن تي مهر هڻي. تاريخ ۾ ڪڏهن به پيءُ جي سامهون ڌيءَ کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. نواز شريف 5 سال ملڪ جي ڏينهن رات خدمت ڪئي. نگران پنجاب حڪومت مسلم ليگ ن جي سينيئر قيادت جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ۽ دهشتگرد جا قلم لڳايا. جيڪڏهن هن ملڪ جي عوام جي خدمت ڪرڻ، بجلي مهيا ڪرڻ ۽ نواز شريف سان محبت ڪرڻ دهشتگردي آهي ته اسان اها دهشتگردي ڪندا رهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے