16 خميس , آگسٽ 2018

پاڪستان ڪلڀوشن ياديو بابت عالمي عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت عالمي عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. سفارتي ذريعن موجب ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان ڀارتي اعتراضن تي پاڪستان پنهنجو لکت وارو جواب عالمي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. پاڪستان طرفان 400 کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل جواب ڊائريڪٽر انڊيا جي عهدي تي موجود ڊاڪٽر فريحا بگٽي جمع ڪرايو. سفارتي ذريعن موجب 400 کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل پاڪستاني جواب اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ماهرن جي ٽيم مرتب ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي سمورن اعتراضن جا جواب ڏنا ويا آهن. پاڪستان طرفان جواب الجواب ۾ اهو پهريون جواب آهي. پاڪستان ان کان پهرين ڀارتي دهشتگرد ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس ۾ پنهنجو جواب 13 ڊسمبر 2017ع تي جمع ڪرايو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے