21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: سهيل انور سيال جو ويجهو ساٿي اڳوڻو يوسي چيئرمين پ پ ڇڏي جي ڊي اي ۾ شامل

provincial minister of interior, Sohail Anwar Siyal, joined the DA, close to a jointly-chaired joint venture.

اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جو ويجهو ساٿي اڳوڻو يوسي چيئرمين پ پ ڇڏي جي ڊي اي ۾ شامل ٿي ويو.

ڏوڪري پي ايس 13 تي بيٺل جي ڊي اي اميدوار عادل الطاف انڙ ۽ اين اي 2 سئو هڪ جي اميدوار الله بخش انڙ جي موجودگي ۾ سهيل انور سيال جي ويجهي ساٿي اڳوڻي يوسي چيئرمين عابد حسين ٻگهئي برادري سميت جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي جي ڊي اي اميدوارن جو چوڻ هو ته ايندڙ حڪومت جي ڊي اي جي ھوندي،  ماڻهن جي شموليت سان واضع ٿي ويو آهي ته پيپلزپارٽي مان عوام بيزار ٿي ويو آهي.

 هنن چيو ته زرداري ۽ سندس ساٿي عوامي نه پر وڏيرا ماڻهو آهن، جيڪي عوام کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | تلھار:عاشوري جي ڏهاڙي تي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي

تلھار ۾ڏھين محرم الحرام حوالي سان مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے