23 آچر , سيپٽمبر 2018

سعودي ۾ پاڪستاني شهري کي ماريندڙ 5 ڄڻن جون سِسيون ڌَر کان ڌار ڪيون ويون

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ هڪ پاڪستاني شهري جي گودام ۾ ڦر ۽ قتل جي ڏوهه ۾ ٻن سعودين سميت 5 ڄڻن جون سسيون ڌَڙَ کان ڌار ڪيون ويون. سعوي عرب جي گهرو وزارت موجب ٻن سعودي شهرين ۽ چاڊ سان واسطو رکندڙ ٽن ڄڻن تي الزام هو ته انهن گودام ۾ ڦر دوران سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪيو ۽ سندن موبائل فون کنئي. وزارت طرفان واضح ناهي ڪيو ويو ته اهو واقعو ڪڏهن پيش آيو پر ڏوهارين کي ڪڏهن موت جي سزا ٻڌائي وئي پر سعودي عرب ۾ عام طور تي موت جي سزا ٻڌايل ڏوهارين کي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويندي آهي. واضح رهي ته سعودي عرب ۾ هلندڙ سال هيل تائين 64 ڄڻن کي موت جي سزا تي عمل ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستان جو ڀارت کي ڪاميابيءَ لاءِ 238 رنسن جو هدف

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستاني ٽيم ڀارت کي ڪاميابي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے