24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز:نصيرآباد: تنيا برادري جي ماڻهن جو زمين تي قبضي خلاف پنجين ڏينهن به بک هڙتال

The people of Tashkent's hunger strike against the agricultural land in Nasirabad are continuing five days.

نصير آباد ۾ زرعي زمين تي قبضي خلاف تنيا برادري جي ماڻهن جي بک هڙتال پنجين ڏينهن به جاري آهي.

پريس ڪلب آڏو اسد الله، واجد ۽ مٺل تنئي جي اڳواڻي ۾ ٻين زرعي زمين تي پوليس انسپيڪٽر جي قبضي خلاف پنجين ڏينهن به بک هڙتال ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي تنيا برادري جي ماڻهن الزام هنيو ته ايس ايڇ او منظور چانڊئي ڳوٺ مصري تنيو ۾ سندن زرعي زمين تي قبضو ڪري ويٺو، آواز اٿارڻ تي کين ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هنن چيو ته زرعي زمين جا وٽن ڪاغذ به آهن، پر پوليس انسپيڪٽر پنهنجي طاقت ڏيکاري زمين تي قبضو ڪري ويٺو آهي.

سندن چوڻ هو ته بااثر پوليس انسپيڪٽر پنهنجي هوڏ تي بيٺل آهي، 5 ڏينهن کان هو بک هڙتال تي ويٺل آهن، پر اڃا تائين ڪجهه به ناهي ٿيو.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي پوليس انسپيڪٽر خلاف ڪارروائي ڪن………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …