23 آچر , سيپٽمبر 2018

ن ليگ اڳواڻ سائرا افضل تارڙ چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ن ليگ اڳواڻ سائرا افضل تارڙ کي اين اي 87 تان چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس شيخ عظمت جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سائرا افضل تارڙ جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار سائرا افضل جي نااهلي لاءِ اپيل داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نامزدگي ڪاغذن ۾ ٻن بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل ناهن ڏنا ويا. عدالت درخواست جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته نامزدگي ڪاغذن ۾ ٻن بئنڪ اڪائونٽن جو ذڪر موجود آهي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ جي نااهلي لاءِ داخل درخواست خارج ڪندي کيس چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل قرار ڏنو. سائرا افضل تارڙ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 87 حافظ آباد مان ن ليگ جي اميدوار آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے