23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڀارتي اداڪارا ريتا بهادري ديهانت ڪري وئي

Indian actor, rita bhaduri was insultedممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ريتا بهادري 62 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئي جي مقامي اسپتال ۾ ديهانت ڪري وئي. ريتا بهادر ڊگهي عرصي کان گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هئي ۽ گذريل 10 ڏينهن کان مقامي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جنگ جي وڙهي رهي  هئي. 62 ورهين جي اداڪارا جي لاڏاڻي جو اعلان اداڪار ششر شرما ڪيو. اداڪارا جي آخري رسمون پڻ ممبئي ۾ ادا ڪيون ويون جنهن ۾ ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. ريتا بهادري ڪيترن ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا جنهن ۾ وراثت، راجا، هيرو، هيرو نمبر 1، ڪڀي هان  ڪڀي نا ۽ بيٽا سيمت ڪيتريون ئي بلاڪ بسٽر فلمون شامل آهن. اداڪارا فلمن سان گڏ ننڍي اسڪرين تي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے